پروليون، ڏٺون، معمائون ۽ ٻول

پروليون، ڏٺون، معمائون ۽ ٻول

پروليون ڏٺون معمائون ۽ ٻول

پروليون، ڏٺون، معمائون ۽ ٻول (ڪتاب): هيءُ ڪتاب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو ترتيب ڏنل آهي. جنهن ۾ سنڌ جي لوڪ ادب کي سهيڙيو ويو آهي. ڪتاب جو تفصيلي مقدمو پڻ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکيو آهي، جنهن پروليءَ جي تاريخي قدامت کي بهتر انداز ۾ بيان ڪيو آهي. ڪتاب ۾ ڪل 31 باب آهن، جن جو وچور هن ريت آهي: (1) ساديون پروليون، (2) ساديون منظوم پروليون، (3) ڳوڙهيـون پــروليــون، (4) ٻـول پـروليــون، (5) دستــاڳ، (6) هيمـــاريون ۽ ڳــوڙهــا، (7) ڏِٺ پـروليـون، (8) روايــتــي ڏِٺــون، (9) معمائون، (10) ٻولن واريون روايتي منظوم معمائون، (11) گرو چيلو، (12) سگهڙ پائيءَ جا ٻول ۽ (13) عاقلاڻا قول. هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو 1965ع ۾ ۽ ٻيو ڇاپو 2007ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو سنڌ ڇپرائي پڌرو ڪيو. ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب ۾ ڪل 280 صفحا آهن، ڪچي جلد سان هن ڪتاب جي قيمت 120 رپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو